عزيز مصر

عزيز مصر: مصر جي عزيز (يعني وقار جو محب ۽ اعليٰ مرتبي جو ماڻهو) جو نالو تورات ۾ ‘فوطي فار’ ٻڌايو ويو آهي، جنهن حضرت يوسف عليھ السّلام کي قافلي وارن کان خريد ڪيو هو. عزيز مصر، مصر جي بادشاهه فرعون جو امير ۽ فوج جو اڳواڻ هو. ان حضرت يوسف عليھ السّلام کي هڪ سهڻو غلام سمجهي خريد ڪيو هو، پر ٿورن ڏينهن کان پوءِ جڏهن حضرت يوسف عليھ السّلام جا جوهر ظاهر ٿيا ته عزيز هن کي پنهنجي گهر ٻار ۽ علائقي جو عام مختيار ڪري ڇڏيو. عزيز مصر عمر ۾ وڏو هو، جڏهن ته سندس زال ‘زليخا’ عم ۾ هن کان گهڻي ننڍي به هئي، ته خوبصورت عورت به هئي. حضرت يوسف جوان ٿيو ته ‘زليخا’ هن تي عاشق ٿي پئي. ليڪن حضرت يوسف، خدا جي مدد سان هر بُري ڪم يا سوچ کان محفوظ رهيو. بعد ۾ حضرت يوسف مصر ۾ وڏي عهدي تي پهتو. عزيز مصر جي موت کان پوءِ، پاڻ بيبي زليخا سان شادي به ڪيائين. البت ڪي لکندڙ شاديءَ واري ڳالهه سان متفق نه آهن. هي قصو قرآن مجيد ۾ به اچي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن عنوان تي گهڻو مواد موجود آهي.


لفظ عزيز مصرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو